پير ڀلڻ شاهه جيلاني

پير ڀلڻ شاهه جيلاني: پير ڀلڻ شاهه، ڏهين صدي هجريءَ جي بزرگ شاهه اسماعيل رح جي اولاد مان ٿي گذريو آهي، جنهن 1895ع ڌاري نورائي شريف ۾ جنم ورتو. گهڻي تعليم ڪا نه هئس، پوءِ به وٽس قيمتي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو. هيءَ هڪ ئي وقت شاهه شهاب الدين ۽ شاهه اسماعيل جي درگاهن جو تيرهون سجاده نشين هو، ان ڪري سندس پري پري وڏو اثر رسوخ هو. هن جا وقت جي حڪمرانن سان سٺا لاڳاپا هئا. شڪار جو به شوقين هو ۽ درگاهه جي سالياني ميلي تي ملاکڙي ۽ راڳ رنگ جون محفلون لڳرائيندو هو. هن چار شاديون ڪيون، پر اولاد ڪو نه ٿيس. 4 جنوري 1947ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نورائي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو